اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اڄ اڱاري تي چين روانو ٿيندو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب 11 اپريل 2022ع تي وزارت عظمي جو منصب سنڀالڻ کانپوءِ وز??راعظم شهباز شريف جو چين جو اهو پهريون ??ورو آهي. وز??راعظم شهباز شريف چين جي رياستي ڪائونسل جي وز??راعظم لي ڪي چيانگ جي دعوت تي اهو دورو ڪري رهيو آهي. ڪميونسٽ پارٽي چين جي 20هين نيشنل ڪانگريس جي تاريخي انعقاد ۽ صدر شي جن پنگ جي ٽئين ڀيري جنرل سيڪريٽري چونڊڻ کان پوءِ وز??راعظم شهباز شريف چين جو دورو ڪندڙ پهرين اڳواڻن ۾ شامل آهي. ان دوري ۾ وز??راعظم شهباز شريف سان گڏ اعلي سطحي وفد به گڏ هوندو. وز??راعظم شهباز شريف جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قيادت جي سطح تي مسلسل رابطن جي ڪڙي آهي. وز??راعظم چين جي دوري دوران صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو ۽ وز??راعظم لي ڪي چيانگ سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. وز??راعظم محمد شهباز شريف جي دوري دوران ڌريون گڏيل اسٽريٽجڪ تعاون ??ي حصيداري جو جائزو وٺنديون. ملاقاتن ۽ اجلاسن ۾ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ پُڻ ڪئي ويندي. دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڏي پئماني تي ٻطرفي تعاون ??ي ايجنڊا تي اڳڀرائي جي اميد آهي. دوري جي دوران مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحن جو امڪان آهي. دوري سان پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي رفتار و??يڪ تيز ٿيڻ جي اميد آهي. سي پيڪ جي حوالي سان گڏيل تعاون ڪميٽي (جي سي سي) جو يارهُون ??جلاس 27 آڪٽوبر 2022ع تي ٿيو هو.
وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اڱاري تي چين روانو ٿيندو
مضمون کا ماخذ : sorteios quina