اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس ٻوڏ جي تباهي کان متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ عالمي برادري کي دل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته آئُون تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ پاڪستاني عوام سان گهري همدردي جي اظهار لاءِ پاڪستان آيو آهيان. اسلام آباد اچڻ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل چيو ته آئُون ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو آهيان، پنهنجي دوري دو??ان ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ۽ متاثرين سان ملاقات ڪندس. گڏيل ق??من جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس دوري دو??ان وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پڻ ملاقات ڪندو. ان ک??ن اڳ گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جو ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان پهچڻ تي اسلام آباد ايئرپورٽ تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پرڏيهي وزارت جي عملدار?? استقبال ڪيو. ان ک??ن اڳ گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل پاڪست??ن اچڻ جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيت ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري پاڪستان ۾ برساتن ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کان متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ عالمي برادري کي دل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران ٻوڏ متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ عالمي برادري کي دل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل، آئُون تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ پاڪستاني عوام سان گهري همدردي جي اظهار لاءِ پاڪستان آيو آهيان: انتونيو گوتيرس
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا