اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي مملڪتي وزير چوڌري عابد شير علي چيو آهي ته مظلوم ڪشميري عوام خودمختي??ري جي حق کي حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي آزادي جي جدوجهد ۾ اڪيلي نه آهي، سڄي پاڪستاني قوم انهن سان گڏ بيٺل آهي، ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ انهن جي سياسي، سفارتي، اخلاقي، قانوني، انساني حمايت ج??ري رکي ويندي، جيستائين ڪشمير مسئلي جو مستقل ۽ پائيدار حل نه نڪرندو خطي ۾ امن ۽ اعتماد جي فضا قائم نه ٿي ٿي سگهي. هڪ ملاقات دوران هن چيو ته ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي خاتمي جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستان جو هر ٻار احتجاج ڪري رهيو آهي ۽ عالمي دنيا کان مطالبو ڪري رهيا آهيون ته ڪشمير مسئلي جي فوري حل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ??طح تي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو وڃي. هن چيو ته ??سان ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي مظلوم ڪشميري عوام سان قومي جذبي سان يڪجهتي جو ڀرپور اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ عالمي طاقتن جو ڌيان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ طرف ڇڪرائينداسين. هن چيو ته ??ڄي پاڪستاني قوم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي آزادي تائين سک سان نه ويهندي. هن چيو ته ڀارت جي خلاف ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد ڪشمير مسئلي جي سنگيني کي عالمي ??طح تي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ ۽ مظلوم ڪشميري عوام کي پيغام ڏيڻ آهي ته ??ها آزادي جي جدوجهد ۾ اڪيلي نه آهي پر پاڪستاني قوم ان سان گڏ آهي. هن چيو ته 5 گسٽ 2019ع جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي ڀارتي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جي خلاف ٻار، بزرگ، جوان هر شهري پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي عالمي دنيا تي واضح ڪري رهيو آهي ته ??ودمختي??ري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني قوم ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي. اسان ڪشميرين جي ترجماني ڪندي انهن جو آواز هر پليٽ فارم تي اٿارينداسين. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي ۽ اسان پنهنجي شهه رڳ جي حفاظت جي لاءِ ڪنهن به قدم کان نه ڪيٻائينداسين.
مظلوم ڪشميري عوام خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي آزادي جي جدوجهد ۾ اڪيلي نه آهي: چوڌري عابد شير علي
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ