اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) يوڪرين جي لاءِ امدادي سامان جي ٻي کيپ جي روانگي جي لاءِ نور خان ايئربيس راولپنڊي تي سرڪاري ت??ري?? منعقد ڪئي وئي. نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) پاران جاري بيان موجب امدادي سامان ۾ ضروري دوائون، ڪمبل ۽ راشن شامل آهي، اهو سامان پاڪستان ايئر فورس جي ٻن سي – 130 جهازن جي ذريعي پولينڊ رستي يوڪرين پهچندو. ت??ري?? دوران پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر امدادي سامان يوڪرين جي سفير مرڪيان چوچڪ جي حوالي ڪيو. ت??ري?? ۾ اين ڊي ايم اي ??ان??واءِ پرڏيهي وزارت ۽ يوڪرين سفارتخاني جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزي حنا رباني کر چيو ته پاڪستان يوڪرين سان گذريل ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي ح??وم?? يوڪرين جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اڳ ۾ به امدادي سامان فراهم ڪري چڪي آهي. يوڪرين ۾ جاري جنگ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي ڳالهين ?? سفارتڪاري ذريعي معاملا حل ڪرڻ گهرجن. يوڪرين جي سفير مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ يوڪرين جي عوام جي لاءِ امداد موڪلڻ تي پاڪستاني ح??وم?? ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. سفير جو چوڻ هو ته يوڪرين حقيقي معنيٰ ۾ ان مدد کي پاڪستاني ح??وم?? ۽ عوام پاران خيرسگالي ۽ همدردي جي جذبي جو اظهار سمجهي ٿو. يوڪرين جي لاءِ امدادي کيپ پولينڊ جي گادي واري شهر دارسا جي رستي موڪلي ويندي. سامان جي پهرين کيپ 15 مارچ 2022ع تي موڪلي وئي هئي.
يوڪرين لاءِ امدادي سامان جي ٻي کيپ جي روانگي لاءِ نور خان ايئربيس راولپنڊي تي سرڪاري تقريب منعقد ڪئي وئي
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena