اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان سان ازبڪستان جي نائب وز??راعظم ۽ سيڙپڪاري ۽ فارن ٽريڊ واري وز??ر سردور عمرزاڪوف ملاقات ڪئي آهي، ملاقات جي موقعي تي وز??راعظم عمران خان لاهور ۽ تاشقند جي وچ ۾ سياحت، ڪاروباري رابطن ۽ عوامي سطح ??ي رابطن کي وڌائڻ جي لاء?? سڌوسنئون اڏامن جي بحالي ۽ افغانستان ۾ سلامتي ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏنو آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم سان ازبڪستان جي نائب وز??راعظم ۽ سيڙپڪاري ۽ فارن ٽريڊ واري وز??ر سردور عمرزاڪوف ملاقات ڪئي آهي. ان موقعي تي وز??راعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن تي زور ڏيندي ازبڪستان سان واپار، زراعت، توانائي ۽ عوامي سطح ??ي رابطن جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپا قائم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. وز??راعظم چيو ته هو ايندڙ مهيني ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي. وز??راعظم علائقائي رابطن ۽ انضمام کي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي کي سنگ ميل قرار ڏيندي ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم کي ورجايو. وز??راعظم ان موقعي تي علائقائي خوشحالي جو سبب بڻجندڙ رابطن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ افغانستان ۾ سلامتي ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏيندي افغانستان ۾ انساني بحران جي خاتمي لاءِ انساني ۽ اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي فوري ضرورت کي ورجايو. وز??راعظم لاهور ۽ تاشقند جي وچ ۾ سياحت، ڪاروباري رابطن ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ جي لاء?? سڌوسنئون اڏامن جي بحالي جي اهميت تي زور ڏنو. هن ترجيحي واپاري معاهدي سميت سمورن التوا هيٺ ٻطرفن مفاهمت جي ياداشتن ۽ معاهدن کي حتمي شڪل ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو. نائب وز??راعظم سردور عمرزاڪوف وز??راعظم عمران خان کي ازبڪستان جي وز??راعظم پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو.
وزيراعظم عمران خان سان ازبڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ سيڙپڪاري ۽ فارن ٽريڊ واري وزير سردور عمرزاڪوف جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ