بيجنگ – 12 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان چين جي مدد سان سيمي ڪنڊيڪٽرز زون قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم منصوبو تجويز ڪيو آهي جنهن جو مقصد پاڪستان کي جديد اوزارن ۾ پاڻڀرو بڻائڻ ۽ ترقي جون نيون راهون کولڻ آهي. اها ڳالهه هن چائنا اڪنامڪ نيٽ کي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي تازي چين جي دوري دوران ??ن سيمي ڪنڊيڪٽرز انڊسٽري جي پاڪستان ??نتقلي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. اها ٽ??ڪن??لاجي نه رڳو پاڪستان ??ر چين جي لاءِ پڻ اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته چين جون ٽ??ڪن??لاجي ڪمپنيون پاڪستان اچن ۽ پاڪستان کي سيمي ڪنڊيڪٽرز مينوفيڪچرنگ جو مرڪز بڻائين. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سائنس ۽ ٽ??ڪن??لاجي واري وزير جي حيثيت سان ??ڻ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ پنهنجي ان ??دي دوران ??ن سيمي ڪنڊيڪٽرز ٽ??ڪن??لاجي جي لاءِ مفاهمت جي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون ۽ سيمي ڪنڊيڪٽرز مهارت ۾ پاڪستانين کي تربيت جي فراهمي جي لاءِ چين سان حصيداري پڻ ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان ??اڪستان ۾ سيمي ڪنڊيڪٽرز ڊيزائننگ جي شروعات ڪرڻ چاهيون ٿا، مون کي اها ڳالهه ٻڌائيندي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ته چيني سيڙپڪار پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺي رهيا آهن. هن چيو ته ٽ??ڪن??لاجي زون کي سيمي ڪنڊيڪٽرز زون ۾ تبديل ڪيو ويندو. چوڌري فواد حسين چيو ته سائنس ۽ ٽ??ڪن??لاجي جو تمام وڏو شعبو آهي جنهن ۾ ٻئي ملڪ تعاون ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته موبائيل فونز هاڻي پاڪستان ۾ تيار ٿي رهيا آهن پر اسان ان کان ??ڪ قدم اڳتي وڌندي پاڪستان ۾ موبائيل فونز جي مڪمل مينوفيڪچرنگ شروع ڪرڻ چاهيون ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته صحت جي شعبي ۾ اوزارن جي حوالي سان ??طرفي تعاون ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ڪوويڊ 19 جي شروعات جي ڪجهه مهينن ??ور??ن اسان ان شعبي بابت هر شيءَ درآمد ڪري رهيا هئاسين پر هاڻي پاڪستان ان حوالي سان ??ڪ وڏو برآمد ڪندڙ ملڪ آهي. هن چيو ته اهو اهم سنگ ميل اسان ??ختصر عرصي ۾ حاصل ڪيو آهي ۽ هاڻي صحت جي شعبي ۾ تعاون جا وسيع امڪان ??وجود آهن. هن چيو ته پاڪستان ??ٽ هنرمند ليبر ۽ هڪ وڏي مارڪيٽ آهي، اسان کي اميد آهي ته چيني ٽيڪ ڪمپنيون ٽ??ڪن??لاجي زون ۾ اسان جي مدد ڪنديون ۽ اهڙي طرح اسان انهن شعبن ۾ ڪاميابي سان اڀري سگهنداسين. هن اميد ظ??هر ڪئي ته وزيراعظم جي تازي چين جي دوري کانپوءِ ڪيتريون ئي چيني ٽ??ڪن??لاجي ڪمپنيون پاڪستان اينديون ڇو ته سيمي ڪنڊيڪٽر هر ٽ??ڪن??لاجي جو بنيادي عنصر آهي جنهن سان ??قامي مينوفيڪچرنگ مصنوعات ۾ ويليو ايڊيشن آڻڻ ۾ مدد ملندي. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان ??نهنجي تازي دوري ??ور??ن چين جي ناليواري ٽ??ڪن??لاجي ڪمپنين جي اڳواڻن سان ??لاقاتن جو سلسلو جاري رکيو ۽ ٻنهي طرفن کان سافٽ ويئر ڊيولپمينٽ، انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽ??ڪن??لاجي، طبي تشخيص ۽ ٻين لاڳاپيل شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
پاڪستان چين جي مدد سان سيمي ڪنڊيڪٽرز زون قائم ڪرڻ لاءِ هڪ اهم منصوبو تجويز ڪيو آهي جنهن جو مقصد پاڪستان کي جديد اوزارن ۾ پاڻڀرو بڻائڻ ۽ ترقي جون نيون راهون کولڻ آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil