اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ مرزا محمد آفريدي چيو آ??ي ته حڪومت معذور ماڻهن کي تعليم ۽ ملازمتن جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ ل??ءِ سرگرم آهي. خصوصي ماڻهن جي ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد معذور ماڻهن جي حقن جي سلسلي ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ معاشري ۾ ان جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪرڻ آهي. هنن پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ چيو ته معذورن کي حقن جي فراهمي معاشري ۾ برابري ۽ انصاف جي قيام ل??ءِ ضروري آهي. پاڪستان ۾ احساس پروگرام تحت معذور ماڻهن کي علاج جي مفت سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. اسان کي زندگي جي سڀني شعبن ۾ خصوصي ماڻهن کي برابر ترقياتي موقعا فراهم ڪرڻ ل??ءِ ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته معاشري کي انهن ماڻهن ج?? ضرو??تن جو احساس هجڻ گهرجي ۽ انهن ج?? ضرو??تن کي منهن ڏيڻ ل??ءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن. معذورن کي خودمختيار بڻائڻ ل??ءِ موثر ق??نونسازي ل??ءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.
حڪومت معذور ماڻهن کي تعليم ۽ ملازمتن جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي: سينيٽ چيئرمين / ڊپٽي چيئرمين
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی