اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت زرعي شعبي جي ترقي لاءِ پرعزم آهي، آبادگار?? کي زرعي منصوبابندي ۾ معاونت، معياري ٻج، جديد زرعي مشينري ۽ آسان قرضن جي فراهمي حڪوم?? جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ زرعي شعبي جي ترقي تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير سيد فخر امام، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، پنجاب جي زراعت واري صوبائي وزير سيد حسين جهانيان گرديزي ۽ لاڳاپيل سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر ??ڊي?? لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. وز??را??ظم چيو ته حڪومت زراع?? جي شعبي جي مڪل صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي، آبادگار?? کي زرعي منصوبابندي ۾ معاونت، معياري ٻج، جديد زرعي مشينري ۽ آسان قرضن جي فراهمي حڪوم?? جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت آبادگارن جي معاونت سان ايندڙ سالن ۾ زرعي جنسن جي پيداوار ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ وز??را??ظم گوجرانوالا ۽ اوڪاڙه جي ضلعن ۾ زرعي شعبي جي ترقي لاءِ بئنڪنگ سيڪٽر جي ترقياتي مالياتي پروگرام کي ساراهيو. اجلاس ۾ وز??را??ظم کي ٻڌايو ويو ته جي ڊي پي ۾ 19 سيڪڙو حصي سان گڏ زرعي شعبو تمام وڏ?? پئماني تي مينوفيڪچرنگ (ايل ايس ايم) يونٽس جي لاءِ خام مال فراهم ڪري ٿو، مجموعي طور تي قومي معيشت ۾ زراعت جو اٽڪل 60 – 65 سيڪڙو حصو آهي. وز??را??ظم لاڳاپيل عملدار?? کي هدايتڪئي ته اهي آبادگارن جي بنيادي لاڳت کي گهٽ ڪرڻ ۽ انهن جي فصل جي پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏين.
حڪومت زرعي شعبي جي ترقي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ