اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مزدورن ۽ پورهيتن جي احترام ۽ انهن جي بنيادي حقن جي تحفظ جي حوالي سان پنهنجي عزم جو اظهار ??ندي چيو آهي ته مزدورن جي تحريڪ هر طرح جي امتياز ۽ حقن جي پائمالين جي خلاف جدو??هد جي لاءِ مشعل راهه آهي، حڪومت خصوصي طور تي مزدور جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ تحفظ لاءِ هر ممڪن قد?? کڻي رهي آهي، مزدور ۽ مالڪ پيداوار جي عمل ۾ حصيدار آهن ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ انهن جو تعاون اڻٽر آهي. مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته اسان مزدورن ۽ پورهيتن جي جدو??هد کي سلام پيش ڪريون ٿا، ماڻهن جي زندگين ۾ ب??تري ۽ پاڪستان جي پائيدار ترقي لاءِ سندس خدمتون لائق تحسين آهن. هن چيو ته اڄ اسان پنهنجي ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته پورهيتن جي احترام ۽ انهن جي بنيادي حقن جي تحفظ جي جدو??هد کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جون ڪوششون جاري رکنداسين، صدر چيو ته مزدورن جي جدو??هد معاشرتي ناانصافي، چائلڊ ليبر، جبري مشقت، رنگ، نسل، مذهب يا صنفي بنياد تي فرق ۽ هر طرح جي پائمالي جي خلاف مشعل راهه بڻجي وئي آهي. هن چيو ته ليبر قانونن جي جوڙجڪ کان گهڻو پهرين اسلام مزدورن جي حقن ۽ وقار ??ي حرمت ڏني، اسان جي نبي حضرت محمد ﷺ جي زندگي ۾ مزدور جي وقار ۽ حقن جي احترام جا ڪيترائي مثال ملن ٿا، انهي بنياد تي اسا?? سمجهون ٿا ته مزدور ۽ مالڪ پيداوار جي عمل ۾ حصيدار آهن ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ مزدور ۽ مالڪ جو تعاون اڻٽر آهي.
مزدور ۽ مالڪ پيداوار جي عمل ۾ حصيدار آهن: صدر
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ