اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي خطي ۾ امن ۽ خوشحال?? جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته اسان پاڪستان سميت پوري خطي ۾ امن ۽ سلامتي ۽ ترقي جا خواهشمند آهيون، ڏکڻ ايشيا جي قيادت تعصب ۽ مذهبي انتهاپسند?? جي سياست ترڪ ڪري، اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، دفاعي شعبي ۾ ڀاڻڀرو ٿيڻ جي منزل حاصل ڪري چڪا آهيون، اسلامو فوبيا جو متحد ٿي مقابلو ڪ??و وڃي. اهڙا خيال هن پاڪستان ڏهاڙ?? جي مناسبت سان پريڊ کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. صدر ??يو ته پوري قوم سميت پاڪستاني فوج کي پاڪستان جي ڏهاڙ?? جي مبارڪ هجي، پريڊ ۾ شرڪت ڪندڙ دوست ملڪن ۽ هوابازن جو ٿورائتو آهيان. هي ان ڳالهه جو دليل آهي ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دوست ملڪ اسان سان گڏ آهن، هن چيو ته يوم پاڪستان هند جي مسلمانن جو ڌار تشخص ۽ مذهبي آزاد?? جي وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي. اها پهرين جامع دستاويز هئي جنهن جي بنياد تي هندستان جي مسلمانن جي مستقبل ۽ آزادي جو تعين ڪيو ??يو?? علامه اقبال جي فڪر ۽ قائداعظم جي قيادت ۾ 7 سالن ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو. صدر ??يو ته علمي، اقتصادي، سياسي ۽ سماجي شعبن ۾ ترقي سان گڏوگڏ دفاعي شعبي ۾ خود انحصار?? جي منزل حاصل ڪري چڪا آهيون. پاڪستان ايٽمي قوت آهي. هن چيو ته اسان جون دلير ۽ بهادر فوجون اسان جي خودداري ۽ غيرت جي عڪاس آهن. هٿياربند فوج جي ملڪ جي دفاع لاءِ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، جنگ هجي يا افراتفري، اندروني امن ۽ امان، حادثن يا قدرتي آفتن جي صورتحال هجي هٿياربند فوج ملڪ جي حفاظت ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي . صدر ??يو ته پاڪ فوج جا جوان پهاڙن، صحرائن، دريائن ۽ فضائن ۾ ملڪي دفاع لاءِ ڏينهن رات چُست ۽ چالاڪ آهن. پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگرد?? جي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، آپريشن رد الفساد ۾ سڄي ملڪ ۾ دهشتگرد?? جي نيٽ ورڪ کي مٽي ۾ ملائي ??يو?? جنهن جو دنيا اعتراف ڪيو آهي. هن چيو ته دنيا کي ڪورونا وبا درپيش آهي، اسان خصوصي آگاهي، نظم ۽ ضبط ۽ ذميداري سان مزدور جو احساس ڪندي ان وبا جو مقابلو ڪ??و، اسان ڪورونا وبا تي جلد ضابطو آڻي وٺنداسين تنهن هوندي به احتياط ضروري آهي. هن چيو ته ملڪي معيشت جي ترقي لاءِ پرعزم آهيون، دنيا جون حالتون تيزي سان بدلجي رهيون آهن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ حرفت ۾ ترقي سان گڏوگڏ سفارت ۽ معيشت جي شعبن ۾ تيزي سان تبديليون رونما ٿي رهيون آهن، اسان کي پنهنجي ملڪ کي اسلامي ورثي، قومي نظريات ۽ روايتن جو مان رکندي ترقي ۽ جدت کي استعمال ۾ آڻي اسلامي فلاحي جمهوري مملڪت بڻائڻ آهي.
اسان پاڪستان سميت پوري خطي ۾ امن ۽ سلامتي ۽ ترقي جا خواهشمند آهيون: صدر
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز