اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) حڪومت پاران ڳالهين لاءِ ٽيم جي سربراهه پرويز خٽڪ چيو آهي ته مخالف ڌر اڳواڻ ج??هوريت نه ٿا چاهين پر زبردستي حڪومت ڪيرائڻ چاهين ٿا، هڪ طرف ڳالهين ۽ ٻئي طرف ڪاهه ڪرڻ ج?? ڳالهه ڪن ٿا، وزيراعظم جي استعيفيٰ تي ڪا ڳالهه نه ٿيندي، ان بابت ڪير سوچي به نه، مولانا فضل الرحمان جي بيان تي عدالت سان رجوع ڪنداسين ان حوالي سان اسان جو ڪيس تيار ٿي رهيو آهي، مخالف ڌر جي لاءِ اسان جا دروازا ا??ا به کليل آهن، ٽڪراءُ نه ٿا چاهيون پر جيڪڏهن ڪجهه غلط ٿيو ته سڀ ??ميواري مخالف ڌر تي هوندي، چونڊن ۾ جيڪڏهن ڌانڌلي ٿي ته لاڳاپيل ادارن سان رجوع ڪيو وڃي. اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته اجلاس ۾ ڪيترن ئي معاملن تي متفقه ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino