اسل??م آباد – 14 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته احتساب جو عمل اڳتي وڌندو، بدعنواني جي خلاف جنگ سمورن طبقن جي جنگ آهي، سمورن ادارن ۽ طبقن کي وزيراعظم عمران خان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، مهانگائي، ڊالر جي قدر ۾ اضافو ۽ اسان جي ڪيترن ئي مسئلن جا ذميوار پاڪستان تي هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ حڪومت ڪندڙ ٽي خاندان آهن، مني لانڊرنگ ذريعي ڦريل دولت ٻاهر موڪلڻ ۽ ان دولت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ منصوبو تخليق ۽ عمل ڪرڻ جي ذميواري اقتصادي ??ٽ مين اسحاق ڊار کي ڏن?? وئي. اوڳاڙين واري مملڪتي وزير حم??د اظهر ۽ وزيراعظم جي احتساب واري خصوصي معاون بئريسٽر شهز??د اڪبر سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته مني لانڊرنگ جا جيڪي ڪيسز سامهون اچي رهيا آهن ضروري آهي ته قوم جي آڏو حقيقتون رکيون وڃن.
احتساب جو عمل اڳتي وڌندو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو