اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي ??يو آهي ته سعودي عرب سان لاڳاپا اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا، سعودي ولي عهد جي پاڪستان جي دوري دوران 8 معاهدن تي صحيحون ٿينديون، ايندڙ ٻن سالن ۾ سعودي عرب پاران 7 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي ا??يد آهي، سعودي عرب تيل ۽ گئس، زراعت، توانائي، پيٽرو ڪيميڪل، خوراڪ، زراعت، پروسيسنگ، ڪنسٽرڪشن سميت ڪيترن ئي منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي خواهش ظاهر ڪئي آهي، سعودي عرب 30 سالن کانپوءِ وزيراعظم کي اسٽيٽ وزٽ ڏنو، ميونخ ڪانفرنس جي موقعي تي ا??غان صدر اشرف غني سميت روس، ڪئناڊا، ازبڪستان جي پرڏيهي وزيرن ۽ آمريڪي ڪانگريس ميمبرن سان ملاقاتون ٿينديون. پرڏيهي وزارت ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين هارون شريف سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي و??ير ??يو ته جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته سعودي عرب سان لاڳاپا سردمهري جو شڪار هئا جڏهن ته وزيراعظم عمران خان جي هڪ ٻئي پٺيان دورن سان سعودي عرب سان لاڳاپن ۾ خوشگوار تبديلي آئي آهي.
سعودي عرب سان لاڳاپا اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل