اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير بابت جنيوا ڪانفرنس جو پهريون مرح??و مڪمل ٿي چڪو آهي، عالمي برادري پاڪستان جي لاءِ 8.57 ارب ڊالر جو اعلان ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير بابت جنيوا ڪانفرنس جي پهرين مرحلي ۾ يورپي يونين 93 ملين ڊ??لر، جرمني 88 ملين ڊ??لر، چ??ن 100 ملين ڊ??لر، اسلامي ترقياتي بئنڪ 4.2 ارب ڊالر، عالمي بئنڪ 2 ارب ڊالر، جاپان 77 ملين ڊ??لر، ايشيائي ترقياتي بئنڪ 1.5 ارب ڊالر، يو ايس ايڊ 100 ملين ڊ??لر ۽ فرانس 345 ملين ڊ??لر جو واعدو ڪيو آهي. جنيوا ڪانفرنس جو ٻيو سيشن جلد شروع ٿيڻ وڃ?? رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب