اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي( منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير ۽ اين ايف آر سي سي جي سربراهه پروفيسر احسن اقبال هد??يت ڪئي آهي ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جتي سياري جي موسم اچي چڪي آهي، اتي متاثر ماڻهن لاءِ گرم ڪپڙن ۽ بسترن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. اها هد??يت هن اين ايف آر سي سي ۾ پنهنجي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڏني. ان موقعي تي اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي عملدارن بريفن?? ڏني. اجلاس ۾ وفاقي وزير هد??يت ڪئي ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جتي موسم سيءُ واري ٿي وئي آهي اتي متاثر ماڻهن لاءِ گرم ڪپڙن ۽ بسترن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن ٻوڏ سبب متاثر آبادگارن کي بنا وياج جي قرض ڏيڻ جي هد??يت ڪئي ته جيئن هو پنهنجا فصل ٻيهر تيار ڪري سگهن. وفاقي وزير فصلن جي پوکي لاءِ مشينري جي خريداري لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي جلد لائحه عمل تيار ڪرڻ جي پڻ هد??يت ڪئي. اجلاس ۾ خوراڪ واري وزارت کي ان حوالي سان جلد بريفنگ جي هد??يت ڪئي وئي آهي.
ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ متاثر ماڻهن لاءِ گرم ڪپڙن ۽ بسترن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن