اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي جنرل سيڪريٽري شيخ عبدالمتين ??يو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني ڀارتي قدمن جي خل??ف آواز اٿاريندي پاڪستان ۽ ڪشمير جي عوام ان ڏينهن کي استحصال ڏهاڙي طور ملهائيندي، ڀارت 5 آگسٽ جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن ??ي آبادي جي تناسب کي تيزي سان تبديل ڪري رهيو آهي، ان مقصد جي لاءِ والاريل علائقي ۾ ڀارتي قانون به لاڳو ڪيو ويو آهي. ڪالهه سومر ڏينهن اي پي پي سان ڳالهائيندي هن ??يو ته ڀارت هڪ منصوبابند?? طريقي تي ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، مودي جي قيادت ۾ ڀارتي انتهاپسندن خطي جو امن داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. هن ??يو ته ڪشمير تي 75 سالن کان جاري غيرقانوني ڀارتي قبضي ۽ ڀارتي قابض فوج جي انتهائي ڏاڍ ڪشميرين ??ي آزادي جي جذبي کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي، گڏيل قومون ڪشمير بابت پاس ڪيل قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. هن ??يو ته ڪشميري عوام ۽ انهن جي پرعزم قيادت خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جدوجهد ۾ مصروف آهي ۽ اهي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ??ي آزادي جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائيندا.
پاڪستان ۽ ڪشمير جي عوام 5 آگسٽ کي استحصال ڏهاڙي طور ملهائيندي: شيخ عبدالمتين
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria