اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پا??ست??ن ۽ سوئيٽزرلينڊ جي وچ ۾ ڌرين جي گڏيل مشا??رت کانپوءِ آزاداڻي معاهدي تي جلد صحيحون ڪرڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاهدي سان واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ بهتر ۽ تيز رفتار تعاون جو باضابطا فريم ورڪ ملندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اه??ن خيالن جو اظهار سوئيٽزرلينڊ جي عهدو ڇڏيندڙ سفير بينيڊڪٽ ڊي سرجٽ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته عالمي برادري ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا ۽ شدت پسندي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي، عالمي برادري ڀارت ۾ اقليتن کي ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ ۽ اسلامو فوبيا سان واڳيل تشدد جي واقعن کي روڪڻ جي لاءِ بامعنيٰ قدم کڻي. صدر چيو ته دنيا جي ڪنهن به حصي مان ايندڙ پناهگيرن سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪرڻ گهرجي، پناهگيرن کي رنگ، نسل، مذهب يا علائقي جي فرق کانسواءِ سهولتون ۽ پناهه ڏيڻ گهرجي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري تڪرارن جو شڪار ملڪن ۾ ڇڪتاڻ ۽ بدامني کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي، ڇڪتاڻ جو شڪار ملڪن ۾ امن جي لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪيون وڃن ته جيئن انهن جي آبادي کي پناهگير بڻجڻ کان روڪي سگهجي. صدر چيو ته پناهگيرن جي انگ ۾ گهٽتائي آڻڻ سان ميزبان ملڪن تي بار گهٽ پوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پا??ست??ن سياحت ۽ مهمان نوازي جي شعبن ۾ سوئيٽزرلينڊ جي تجربي مان فائدو کڻي سگهي ٿو. صدر اميد ظاهر ڪئي ته عهدو ڇڏيندڙ سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحت بابت تعاون جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪندو، پا??ست??ن معيشت ۽ واپار ۾ سوئيٽزرلينڊ سان ڊگهي مدي واري حصيداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. صدر چيو ته پا??ست??ن ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سوئيٽزرلينڊ جي ڪردار کي ساراهي ٿو. هن سوشل ميڊيا ذريعي پا??ست??ن جي سافٽ اميج کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سفير جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سوئيٽزرلينڊ پا??ست??ن ۾ فوڊ پروسيسنگ، فارماسيوٽيڪل، ڪيميڪل ۽ انجنيئرنگ جي شعبن ۾ ڇهون وڏو سيڙپڪار آهي. صدر عهدو ڇڏيندڙ سفير کي پا??ست??ن ۾ ڪامياب مدو مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سوئيٽزرلينڊ جي عهدو ڇڏيندڙ سفير بينيڊڪٽ ڊي سرجٽ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے