اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقا?? ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي سنڌ جي انتظامي ۽ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ڪرا??ي ۾ گذريل ڏينهن ۾ رونما ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعن تي به بريفنگ ڏني وئي ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته شرپسند عنصرن کي ڪراچي جو امن امان خراب ??رڻ جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏينداسين. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ڪراچي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ڀرپور تعاون سان ڪم ڪنديون.
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج