اسلام آباد – 10 – مئي (اي پ?? پي) ??زي??اعظم شهباز شريف ملڪ ۾ يوريا ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ يوريا ۽ ڪڻڪ جي د??تيابي کي يقيني بڻائڻ ۽ ذخيره اندوزي روڪڻ جي لاءِ مارڪيٽ ۾ طلب ۽ پهچ جو ٺوس نظام بڻائڻ سان گڏوگڏ اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ سخت بارڊر ڪنٽرول وقت جي اهم ضرورت آه??. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ يوريا جي اسمگلنگ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ??زي??اعظم لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته مارڪيٽ ۾ يوريا ۽ ڊي اي پ?? جي مستحڪم ۽ گهٽ اگهن تي د??تيابي يقيني بڻائي و??ي ته جيئن ملڪ ڪڻڪ جي پ??داوار ۾ پاڻڀرو ٿي سگهي. ??زي??اعظم ان سلسلي ۾ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن ملڪ ۾ يوريا ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئ??. ا?? کان اڳ ??زي??اعظم کي ٻڌايو ويو ته مارڪيٽ ۾ قيمتن کي مستحڪم رکڻ جي لاءِ هر مهيني جي شروع ۾ 2 لک ٽن يوريا جي اسٽريٽجڪ اسٽاڪ ۾ دستيابي ضروري آهي. ??زي??اعظم سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي پاڪستان جي آبادگارن ۽ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف پهچائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻن. هن چيو ته ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. اجلاس ۾ گهرو ??زي?? راڻا ثناءُ الله خان، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي ??زي?? سيد مرتضيٰ محمود، خوراڪ واري وفاقي ??زي?? طارق بشير چيما، منصوبابندي واري وفاقي ??زي?? احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي ??زي?? مفتاح اسماعيل، واپار واري وفاقي ??زي?? سيد نويد قمر ۽ لاڳاپيل اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته صوبائي چيف سيڪريٽرين، آءِ جي پ??ليس، آءِ جي ايف سي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران ملڪ ۾ يوريا ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جو فيصلو، يوريا ۽ ڪڻڪ جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ بارڊر ڪنٽرول وقت جي اهم ضرورت آهي: شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ