اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته يوم مئي اسان کي پورهيت طبقي جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو سنهري موقعو فراهم ڪري ٿو جيڪي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ??هيا آهن، ظلم، ستم، استحصال ۽ ناانصافي جي خلاف شڪاگو ۾ فوت ٿيندڙ مزدورن جي جدوجهد کي ياد ڪندي اسان مزدور طبقي جي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، اڄ جو ڏينهن پا??ستاني مزدور ڪميونٽي جي ڪردار، صلاحيتن، ڪم سان لڳاءُ، ملڪ جي خوشحال?? ۽ ??رقي پسند قوم جي عزت جي علامت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار يوم مئي جي موقعي تي جاري پيغام ۾ ڪيو جيڪو اڄ آچر تي سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي، ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته پورهيت طبقو ڪنهن به ملڪ جي ترق?? ۽ ??وشحالي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندو آهي تنهن ڪري ??سان تي لازمي آهي ته انهن جي ڀلائ?? ۽ ??رق?? ۽ ??نهن جي خدمتن جي معاوضي جي وقت سر ادائيگي کي يقيني بڻائون. هن چيو ته دنيا جي سمورن مهذب معاشرن پنهنجي پورهيت طبقي جي حقن ۽ ڀلائ?? ۽ ??رقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قانونسازي ڪري ??کي آهي، هن چيو ته موجوده جمهوري ??ڪومت مزدورن جي ترق?? ۽ ??وشحالي لاءِ مزدور دوست پاليسيون جوڙي رهي آهي، اسپيڪر چيو ته ملڪي ترقي لاءِ حقن ۽ فرضن ۾ توازن انتهائي اڻٽر آهي، هن مزدور برادري کي اهو پيغام ڏنو ته هو ملڪ جي ترق?? ۽ ??وشحالي لاءِ محنت ۽ جانفشاني سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن، ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني يوم مئي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سڄي دنيا جي افرادي قوت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته افرادي قوت ڪنهن به ملڪ جي سماج?? ۽ ??قتصادي ترقي ۾ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، هن چيو ته ملڪ ۾ موجوده جمهوري ??ڪومت مزدور برادر?? ۽ ??نهن جي خاندانن جي ڀلائ?? ۽ ??وشحالي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته وزيراعظم پا??ستان ميان محمد شهباز شريف وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ پنهنجي پهرين تقرير ۾ مزدورن جي گهٽ کان گهٽ اجرت 25000 هزار مقرر ڪئي آهي جيڪا مزدور برادري ??ي حقن جي تحفظ جي عڪاسي آهي. هن مزدور طبقي جي حقن جي تحفظ ۽ کين بهتر معيار زندگي جي فراهمي جي حڪومت عزم جو ورجاءُ ڪيو.
يوم مئي اسان کي پورهيت طبقي جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو سنهري موقعو فراهم ڪري ٿو: راجا پرويز اشرف
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن