اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن کي بااختيار بڻائڻ ک?? معاشي ترقي ۾ اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته معاشري جي وڏي ذميداري هوندي آهي ته اها انه?? جي مختلف شعبن ۾ حصيداري يقيني بڻائڻ لاءِ محفوظ ماحول فراهم ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”اڄ صنفي برابري سڀاڻي پائيداريت“ جي موضوع تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان تقريب جو اهتمام يونائيٽيڊ نيشن وومن، گڏيل قوم?? جي آبادي فنڊ، يورپي يونين، يو ڪي ايڊ ۽ ڪينيڊا حڪومت جي تعاون سان ڪيو ويو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي حضرت محمد ﷺ جي گهرواريءَ حضرت خديجه جو واپاري طور حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان سميت ڪٿي به عورت?? جي ڪاروبار ڪرڻ تي ڪا به پابندي نه آهي. هن چيو ته عورتون انٽرپيرينور تي زور ڏنو ته اهي جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻن ۽ عالمي منڊي ڳولين. هن عوامي جاين تي عورت?? جي آزادي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن اهي سٺي طريقي سان ۽ ڪنهن سماجي دٻاءُ کانسواءِ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي سگهن. هن عورتن کي مالياتي ۽ ڊيجيٽل طور تي بااختيار بڻائڻ لاءِ پروگرام، عورت?? جي وراثتي ح???? جي قانون ۾ ترميم، عصمت دري ۽ خودڪشي جي واقعن بابت قا??ون?? حڪمت عملي سميت عورتن کي بااخيتار بڻائڻ لاءِ قدمن تي اطمينان ظاهر ڪيو. هن چيو ته هن وقت بئنڪون عورتن کي مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ لاءِ قرض فراهم ڪري رهيون آهن. حراسگي ۽ استحصال جي ڪيسن تي ضابطو آڻڻ جي ح??الي سان هن چيو ته گواه?? جي پيش نه ٿيڻ بابت عدالتن جا تازا فيصلا اهم آهن، ڇو ته انه?? جي پيش نه ٿيڻ سان ڏوهارين کي فائدو ٿئي ٿو. صدر چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح عورت?? جي حقن جو عظيم علمبردار هو، هن سدائين عورتن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي ح??ايت ڪئي، ڇو ته اهي آبادي جي اڌ حصي کان وڌيڪ آهن. انساني ح??ن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته عورتن جو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد انه?? جي ترقي جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ ۽ انهن کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ک?? عملي شڪل ڏيڻ آهي. صدر عارف علوي ۽ ??ند?? گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي ان موقعي تي هٿ جي هنر جي اسٽالن جو دورو به ڪيو.
عورتن کي بااختيار بڻائڻ معاشي ترقي لاءِ اهم آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم