اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جي خطبي ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته شرعي اصولن جي پابندي سان صحت، صفائي، ??احول، ملاوٽ ۽ رشوت جهڙن مسئلن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، ان حوالي سان انفرادي ۽ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي، انٽرنيشنل اسلامي يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر شاهه جنيد هاشمي ڪورونا وبا جي تناظر ۾ اجتماعي ??ظم ۽ ضبط ۽ شهرين جي ذميدارين جي موضوع تي جمعي جو خطبو ڏنو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي، ايوان صدر جي آ??يسرن ۽ ملازمن جمعي جي نماز ادا ڪئي. پروفيسر ڊاڪٽر شاهه جنيد هاشمي پنهنجي خطي ۾ خاتم النبين حضور اڪرم ﷺ جا ارشاد بيان ڪندي چيو ته پنهنجي صحت کي بيماري کان پهرين غنيمت سمجهيو وڃي، صحت کي انسان لاءِ خير جو سبب هون??ي آهي، ??ڪ صحتمند ماڻهو ٻين جي لاءِ نفي جو سبب بڻجندو آهي ۽ ڪنهن جي مٿان بار ناهي هوندو. هن چيو ته خاتم النبين حضور اڪرم ﷺ ارشاد فرمايو ته تندرست ۽ توانا ماڻهو ڪمزورن ۽ بيمارن ماڻهن سان الله جي نظر ۾ اعليٰ آهي، انسان کي پنهنجي صحت جي نعمت جو قدر ڪرڻ گهرجي، ??ن چيو ته بيماري اصل ۾ الله طرفان آزمائش هون??ي آهي، اسلام جي تاريخ ۾ ڪيترائي اهڙا قدم کنيا ويا جنهن سان انساني صحت جي قدر معلوم ٿين??ي آهي، جيڪا صحتمند معاشري لاءِ اهم آهي، اهڙي معاشري جي فروغ لاءِ اسان جي ذميداري آ??ي ته اسان انهن قدمن جي پيروي ڪريون هن چيو ته ماهرن جي راءِ جو احترام ڪندي انهن کي اهميت ڏيڻ گهرجي، ??ن وڌيڪ چيو ته صحت مند زندگي صفائي ۽ طهارت سان ٻڌل آهي، ان لاءِ اسلامي عبادتن لاءِ طهارت کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي، خاتم النبين حضور اڪرم ﷺ جسماني صحت سان گڏوگڏ ماحول جي صفائي تي به خصوصي ڌيان ڏيڻ جي تلقين ڪئي آ??ي، ??ن روز مره جي استعمال جي شين جي معيار جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ان حوالي سان انفرادي ۽ اجتماعي طور تي خراب شين ۽ ملاوٽ جي خاتمي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ان موقعي تي ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي، ??اضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.
شرعي اصولن جي پابندي سان صحت، صفائي، ماحول، ملاوٽ ۽ رشوت جهڙن مسئلن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو: جمعي جو خطبو
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب