اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وف??قي حڪومت ايندڙ مالي سال 22 – 2021ع جي 8487 ارب رپي?? جي وف??قي بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي، سرڪاري ملازم?? جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ ريليف ڏنو ويو آهي، واڌويجهه جي شرح جو هدف 4.8 سيڪڙو رکيو ويو آهي، گاڏي?? جي قيمتن ۾ لاٿ ڪئي وئي آهي، جنهن تي سيلز ٽيڪس 17 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 12.5 سيڪڙو ڪرڻ ۽ گاڏين تي ويليو ايڊيڊ ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، موبائيل جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، سرڪاري شعبي جي ترقياتي بجيٽ جو ماپو 900 ارب رپيا آهي، گهٽ کان گهٽ اجرت 20 هزار ماهوار مقرر ڪئي وئي آهي، اوڳاڙين جو ڪاٿو 7909 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي جيڪو گذريل سال جي نظرثاني ٿيل 6395 ارب رپي?? جي ماپي جي ڀيٽ ۾ 24 سيڪڙو وڌيڪ آهي، نان ٽيڪس روينيو ۾ 22 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، مجموعي سبسڊيز جو ڪاٿو 682 ارب رپيا لڳايو ويو آهي، احساس پروگرام جي لاءِ 660 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن، زراعت، چوپائي مال سميت مختلف شعبن ۾ ريليف فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وف??قي وزير شوڪت فياض ترين قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪئي.
وفاقي حڪومت پاران نئين مالي سال جي 8487 ارب رپين جي بجيٽ پيش
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت