اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 118 فوتگيون ٿيون جنهن مان 43 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن ??ون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5 هزار 395 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن ??ي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 81 سيڪڙو، لاهور ۾ 82 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 88 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 51 سيڪڙو مريض آه??. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 75 سيڪڙو، صوابي ?? 93 ??يڪڙو، چارسده ?? 93 ??يڪڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو مريض آه??. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 64 هزار 685 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 923، پنجاب ۾ 37 هزار 775، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 519، اسلام آباد ۾ 6 هزار 178، بلوچستان ۾ 1 هزار، گلگت بلتستان ۾ 565، آزاد ڪشمير ۾ 725 ٽيسٽ شامل آه??. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 46 هزار 652 ٿي چڪو آه??. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آه??. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 509 مريض آه??. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 77 هزار 294 آه??. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 7 لک 39 هزار 818 آه??.
سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب وڌيڪ 118 ڄڻا فوت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج