اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بي گهر ماڻهن کي پنهنجي ڇت حاصل ڪرڻ ۾ سهولت ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ذاتي ڇت هر غريب ۽ گهٽ آم??ني واري ماڻهو جو حق آهي، تعميراتي سرگرمين جي فروغ سان شروع ٿيندڙ معاشي سرگرمي جو سڌوسنئون فائدو سنڌ جي عوام کي ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊيولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هائوسنگ ۽ تعميراتي جي منظور ٿيل ۽ غور هيٺ منص??بن جي ڪل معاشي سرگرمي جو ڪاٿو 2.07 ٽريلين رپيا آهي، 17 اپريل 2020ع کان هيستائين هائوسنگ اينڊ ڪنسٽرڪشن جي ڪل 307 منص??بن ۾ 39.83 ملين مربع فٽ تي تعميرات جي منظوري ڏني وئي آهي، وڌيڪ 64.12 ملين مربع فٽ زمين تي تعمير جي 526 منص??بن جي منظوري جو عمل غور هيٺ آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هيستائين منظور ٿيل منص??بن جي نتيجي ۾ 796.5 ارب رپين جي معاشي سرگرمي پيدا ٿي رهي آهي، غور هيٺ منص??بن جي منظوري جي نتيجي ۾ وڌيڪ 1.28 ٽريلين رپين جي معاشي سرگرمي پيدا ٿيندي، انهن منص??بن جي نتيجي ۾ اڍائي لک ماڻهن کي سڌوسنئون جڏهن ته ساڍا چار لک ماڻهن کي اڻ سڌي طرح نوڪرين جا موقعا ملندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايل ڊي اي پ??را?? 11.03 ملين مربع فٽ زمين تي تعميرات جي 3435 منص??بن جي منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته 700 منصوبا منظوري جي لاءِ غور هيٺ آهن، راولپنڊي ڊيولپمينٽ اٿارٽي پ??را?? 4.8 ملين مربع فٽ تي تعميرات جي هيستائين 67 منص??بن جي منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته 51 منصوبا غور هيٺ آهن. سي ڊي اي پ??را?? 12.8 ملين مربع فٽ تي تعميرات جي 121 منص??بن جي منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته 18.7 ملين مربع فٽ تعميرات جا 142 منصوبا منظوري جي لاءِ غور هيٺ آهن. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پ??را?? 9.1 ملين مربع فٽ جي 33 منص??بن جي منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته 40.8 ملين مربع فٽ جا 269 منصوبا منظورين جا منتظر آهن. وزيراعظم سنڌ ۾ منظورين جي عمل تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته تعميراتي سرگرمين جي فروغ سان پيدا ٿيندڙ معاشي سرگرمي جو سڌوسنئون فائدو سنڌ جي عوام ۽ صوبي کي ٿيندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وڏي عرصي کان منظورين سبب التوا جو شڪار ٿيندڙ تعميراتي منص??بن جا سمورا ڪيسز نيب ڏانهن موڪليا ويندا ته جيئن ذميوارن جو تعين ڪري سگهجي ۽ ڄاڻي واڻي دير ڪندڙ ذميوارن جي خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي.
بي گهر ماڻهن کي پنهنجي ڇت حاصل ڪرڻ ۾ سهولت ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن