اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي( قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير س??د فخر امام چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ عام ماڻهو جي کاڌي پيتي جي شين جي مناسب قيمتن تي فراهمي کي يقيني بڻائيندي ۽ ان جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، صنعت ?? پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فخر امام چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ماڻهن کي درپيش مسئلن کان پوري طرح آگاهه آهي ۽ چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن يقين ڏياريو ته حڪومت پاران کنيل قدمن جي نتيجي ۾ تمام جلد بحالي جا ثمر ظاهر ٿيندا. ان کانسواءِ هن تنبيهه ڪئي ته فرضي مطالبن ۽ کاڌي پيتي جي شين جي ذخيره اندوزي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت ايڪشن ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج