اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪاروباري برادري تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري، حڪومت هر ممڪن تعاون فراهم ??ند??. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ??وآ??ڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ??ند?? ڪيو. اجلاس ۾ اي??وس??ئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊولپرز آف پاڪستان (آباد) جي 13 نمائندن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تعميراتي شعبي ۾ حڪومت پاران ڏني ويندڙ مراعتن ۽ ان جي نتيجي ۾ شروع ٿيندڙ سرگرمين جي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ شريڪ اي??وس??ئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊولپرز آف پاڪستان (آباد) جي نمائندن پاران تعميرات جي شعبي ۾ حڪومت پاران تا??يخ?? مراعتون ۽ آسانيون فراهم ڪرڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو، آباد جي نمائندن ڳالهائيندي چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نجي بئنڪن پاران تعميراتي سرگرمين جي لاءِ بلڊرز اينڊ ڊولپرز جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي، جنهن جو ڪريڊٽ بنا ڪنهن شڪ جي موجوده حڪومت ۽ اسٽيٽ بئنڪ ڏانهن وڃي ٿو. اي او سي ۽ اجازت نامن جي عمل کي آسان بڻائڻ سان تعميراتي شعبي سان واڳيل ڪاروباري برادري جي حوصلا افزائي ٿي آهي.
ڪاروباري برادري تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر