اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص مع??ون ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته حڪومت ايم 8 موٽروي تي تعميراتي ڪم پهرين ترجيح طور تي ڪندي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين چيو ته سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي اڳ ۾ ئي ايم 8 موٽروي جي 26 ارب جي لاڳت جي 146 ڪلوميٽر هوشاب آواران حصي جي منظوري ڏئي چڪي آهي. ايم 8 موٽروي سکر لاڙڪاڻي کي گوادر سان ڳنڍيندو جيڪو هن وقت تعمير هيٺ آهي جڏهن ته گوادر ۽ هوشاب 193 ڪلوميٽر حصي جي تعمير جو افتتاح ??يب??وري 2016?? ۾ ??يو ويو هو. اهو منصوبو سنڌ صوبي ۾ رتوديرو کان شروع ٿئي ٿو ۽ ??ضد??ر، آواران، هوشاب ۽ تربت کان ٿيندو بلوچستان صوبي ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ سامونڊي شهر گوادر جي بلڪل اوڀر ۾ مڪران ڪوسٽل هاءِ وي ۾ شام?? ٿي وڃي ٿو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری