اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چ??و آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جي ڪامياب سفارتي ڪوششن ۽ عالمي ميڊيا تي مع??مل?? بهتر اندز ۾ اجاگر ٿيڻ تي دن??ا ڪشمير جي حوالي سان ڀارت ??ي بياني کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان ڀارت ??و مڪروه چهرو بي نقاب ڪندو رهندو ۽ هر فورم تي ڀارتي بربريت سامهون آڻيندا رهنداسين. 50 سالن کانپوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاسن ۾ ڪشمير مسئلو بحث هيٺ آندو ويو. هو اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ??ي اهتمام هيٺ ”تشدد جو عالمي ڏينهن ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي انتهاپسندي“ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری