اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته حڪومت روزگار جا موقعا وڌائڻ جي لاءِ معيشت جي استحڪام ۽ نجي شعبي کي فروغ ڏيڻ تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. حڪومت جي اقتصادي ٽيم سان گڏ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ هن ٻڌايو ته روزگار جي فراهمي جي پنهنجي واعدن تي قائم آهيون، اسان جو سدائين کا?? ا??و موقف ??هيو آهي ته نجي شعبو روزگار جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، نجي شعبو تڏهن مضبوط ٿيندو جڏهن اسان جي معيشت مستحڪم ٿيندي، اسان جو پهريون هدف معيشت کي استحڪام ڏيڻ آهي. معيشت جي استحڪام لاءِ موجوده حڪومت ڪيترائي قدم کنيا آهن، حڪومت ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪيون جنهن جي ڪري ڪاروبار ۾ آسانين جي عالمي درجابندي ۾ گ??ريل سال 28 پوائنٽ جي بهتري ٿي ۽ هلندڙ سال ان ۾ وڌيڪ بهتري جو امڪان آهي.
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج