اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪ??يٽ?? جي چيئرمين فيصل جاويد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪفايت شعاري ۽ سادگي مهم جي باقاعده شروعات پنهنجي ذات کان ڪئي، هو 1100 ڪينال جي وزيراعظم هائوس کي ڇڏي 4 ڪينال کان به گهٽ واري گهر ۾ منتقل ٿيو آهي. هن ??ها ڳالهه وزيراعظم جي ميڊيا بابت خصوصي معاون افتخار دراني سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس ۾ چئي. سينيٽر فيصل جاويد چيو ته ??نه?? ملڪ ۾ 8 ڪروڙ ماڻه?? کي صاف ٽوائلٽ جي سهولت نه هجي، 21 سيڪڙو ماڻهو ماحولياتي آلودگي سبب موت جي ور چڙهي وڃن، جتي عورتون ويم دوران موت جي ور چڙهي وڃن ۽ جيڪو ملڪ انساني وسيلن جي درجابندي ۾ 188 ملڪن مان 147 هين نمبر تي هجي، ان ملڪ جا حڪمران ڪيئن وڏن وڏن محلن ۾ پنهنجي شاهاڻي زندگي جي لاءِ عوام جي ٽيڪس جو پئسو بيدردي سان استعمال ڪري سگهن ٿا.
وزيراعظم ڪفايت شعاري پنهنجي ذات کان شروع ڪئي آهي: سينيٽر فيصل جاويد
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری