اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ترڪمانستان جي وزارتي ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير راشد مريدوف خيرسگالي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌائڻ جي لاءِ رستن ۽ ريل رابطن سميت رابطاڪاري جي منصوبن ت?? ڪم تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هن وزيراعظم کي ترڪمانستان جي صدر پاران نيڪ خو??هش?? جو پيغام پهچايو ۽ ترڪمانستان – افغانستان – پاڪستان – انڊيا (تاپي) گئس پائيپ لائين پراجيڪٽ سميت توانائي جي ٻين منصوبن ت?? اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ترڪمانستان سان ت??انائي جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ ۾ پاڪستان پاران دلچسپي جي اظهار کي ورجايو ۽ تاپي منصوبي ??ي ٿيندڙ اڳڀرائي کي ساراهيو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ