اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آ??ي ته جنهن وزيراعظم ملڪ کي اونداهين مان ڪڍيو ۽ عوام کي خوشحالي ڏني ان کي احتساب کان ڊيڄارڻ جي ض??ور?? نه آهي، پاڪستان ۾ احتساب جي روايت اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف پاڻ کي احتساب جي لاءِ پيش ڪري وڌي آهي، اڳوڻو وزيراعظم محمد نواز شريف پاڻ کي آئين ۽ قانون آڏو پيش ڪري رهيو آهي، اهڙي طرح سمورن ادارن کي آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪرڻو پوندو، هو ووٽر ۽ ووٽ جي تقدس کي بحال ڪرڻ چاهي ٿو، سي پيڪ ڏيندڙ ۽ دهشتگردي جو خاتمو ڪندڙ کي ملڪ مان ڀڄڻ جي ض??ور?? نه آهي، عمران خان ادارن جي توهين ڪري ٿو، ڀڄڻ جي کيس ض??ور?? آهي، اڄڪلهه هي جيڪي چيخون نڪري رهيون آهن انهن جو به بندوبست ٿيڻ وارو آهي، عمران خان پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽي جي وچ ۾ فرق کي نه ٿو سمجهي سگهي، جنهن دهشتگردي جو مقابلو ڪيو هجي ان کي سيڪيورٽي جي ض??ور?? هوندي آهي، طالبان جو حصو رهڻ ۽ انهن جي حمايت ڪندڙ کي سيڪيورٽي جي ض??ور?? ناهي هوندي، پاڪستان جي عوام محمد نواز شريف ۽ آئين سان گڏ آهي. اهڙن خي??لن جو اظهار هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو هو ته پاڪستان ۾ احتساب جي روايت هو پاڻ شروع ڪندو ۽ هن پنهنجو پاڻ کي عدالتن ۾ پيش ڪري ان روايت جي ش??وع??ت ڪئي.
جنهن وزيراعظم عوام کي خوشحالي ڏني ان کي احتساب کان ڊيڄارڻ جي ضرورت نه آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس