اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته اسان يقين رکون ٿا ته گڏيل قومون عالمي ب??اد??ي جي لاءِ مختلف چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ عالمي ب??اد??ي کي درپيش مختلف مسئلن جي حل لاءِ بهترين فورم آهي. گڏيل قومن جي 71 هين سالگرهه تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان امن، سلامتي، ترقي ۽ انساني حقن جي گڏيل مقصدن جي فروغ لاءِ گڏيل قومن ۾ پنهنجو اهم ڪردار بر??رار رکيو آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ سميت اندروني چئلينجن جي باوجود اسان گڏيل قومن جي امن مشن ۾ وڏا حصيدار آهيون، اسان جي منزل عالمي امن ?? سلامتي کي بر??رار رکڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ آهي، گذريل 5 سالن دوران هڪ لک 70 هزار پاڪستاني امن فوج ۾ سڄي دنيا ۾ گڏيل قومن تحت خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن جڏهن ته 146 پاڪستانين پنهنجي فرضن دوران پنهنجي جان جي قرباني پڻ ڏني.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ