رياض-06 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي عرب ۾ هائيڊروجن سان هلندڙ پهرين عوامي ب?? جو افتتاح ڪيو ويو. پرڏيه?? ميڊيا موجب شهزاده بن طلال بن بدر مملڪت جي سطح تي پهرين هائيڊروجن سان هلندڙ عوامي ب?? جو تجرباتي افتتاح ڪيو. هائيڊروجن سان هلندڙ بس هڪ ڀيرو چارج ٿيڻ کان پوءِ 635 ڪلو ميٽرن تائين سفر ڪري سگهي ٿي ان ۾ 45 مسافرن جي ويهڻ جي گنجائش آهي. عوامي ب?? کي دمام شهر ۽ الاحسا جي روٽ تي هلايو ويندو جيڪو 359 ڪلو ميٽر ڊگهو آهي. بس ۾ 45 مسافر سفر ڪري سگهن ٿا. عوامي ب?? کي دمام شهر ۽ الاحسا جي روٽ تي هلايو ويندو جيڪو 359 ڪلو ميٽر ڊگهو آهي. بس جي تجرباتي افتتاح جي موقعي تي نائب وزير ٽرانسپورٽ اينڊ لاجسٽڪ سروسز ڊاڪٽر رميح بن محمد الرميح کانسواءِ ٻيا اعليٰ عهديدار به موجود هيا. ڪمشنر الاحسا کي هائيڊرجن سان هلندڙ بس جي ب??ري ۾ تفصيلي ب??يفنگ ڏني وئي. بس کي چارج ڪرڻ جي حوالي کان به آگاهه ڪيو ويو. هائيڊروجن بس سان ڪاربن جي اخراج تي به ڪنٽرول ڪري سگهبو. جنهن سان ماحولياتي تحفظ کي به يقيني بنائڻ ۾ مدد ملندي. ان م??قعي تي ڪمشنر الاحسا مملڪت ۾ پهرين هائيڊروجن بس جي ڪامياب تجرباتي افتتاح کي مملڪت جي ويزن 2030ع بابت هڪ اهم قدم قرار ڏنو.
سعودي عرب ۾ هائيڊروجن سان هلندڙ پهرين عوامي بس جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن