ڍاڪا-14 نومبر (اي پي پي) بنگلاديش جي اٽارني جنرل محمد اسد الزمان ملڪي آئين ۾ ترميمن جو مطالبو ڪندي سوشلزم، بنگالي قوم پرستي، سيڪولرازم ۽ شيخ مجيب الرحمان کي باباءِ قوم جهڙن اصطلاحن کي خ??م ڪرڻ جون تجويزون ڏنيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب اسد الزمان اهي رمارڪس بنگلاديش جي 15 هين آئيني ترميم جي قانوني حيثيت تي هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جي پنجين ڏينهن پنهنجي دليلن دوران ڏنا. هن ??ئين جي آرٽيڪل 8 جو حوالو ڏيندي چيو ته سوشلزم ۽ سيڪيولرازم ان قوم جي حقيقتن جي عڪاسي نه ڪندا آهن ??تي 90 سيڪڙو مسلمانن جي هجي. هن ??ن حوالي سان آئين جي اصل جملي کي بحال ڪرڻ جي وڪالت ڪئي جنهن ۾ الله تي پختي ايمان تي زور ڀريو ويو هو. هن ??رٽيڪل 9 ۾ ب??گالي قومپرستي جي هڪجهڙائي تي به سوال اٿاريا ان کي جديد جمهوري اصولن جي ابتڙ قرار ڏنو. هن ??يفرنڊم لاءِ شقن کي بحال ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو، جن کي 15 هين ترميم تحت ختم ڪيو ويو هو. اٽارني جنرل آرٽيڪل 6 تي به تنقيد ڪئي، جيڪو ٻولي جي ذريعي قومي سڃاڻپ جي وضاحت ڪر?? ٿو ۽ دعويٰ ڪئي ته ان سان شهرين ۾ غير ضروي ويڇي کي هٿي ڏني آهي. هن چيوته آرٽيڪل (ka)7 ۽ (Kha) 7 جمهوريت جي روح سان هڪجهڙائي نٿا رکن ۽ آمراڻي مقصدن جي تڪميل ڪن ٿا ان لاءِ انهن ٻنهي آرٽيڪلز کي خ??م ڪيو وڃي. اٽارني جنرل نگران حڪومتي نظام جي خ??تمي جي پڻ شديد مذمت ڪئي.
بنگلاديش جي اٽارني جنرل پاران ملڪي آئين مان سوشلزم، قوم پرستي، سيڪولرازم ۽ باباءِ قوم جهڙن اصطلاحن کي ختم ڪرڻ جون تجويزون
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن