امراوتي- 22 آگسٽ (اي پي پي) ڀارتي رياست آنڌرا پرديش ۾ دوائون ٺاهيندڙ ڪمپني ۾ ٿيل ه?? ڌماڪي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 17 ڄڻا فوت جڏهن ته 34 زخمي ٿي ??يا. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق رياست جي اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ هڪ فارماسيوٽيڪل فرم ايسائنٽيا ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪمپني جا 17 ملازم فوت ۽ 34 زخمي ٿي ??يا. ڌماڪو منجهند جي ماني جي وقت ٿيو، ڌماڪي جو سبب هن وقت تائين معلوم ناهي ٿي سگهيو. پوليس سپرنٽنڊنٽ ملازمن جي فوتگي جي تصديق ڪندي ٻڌا??و ته ڌماڪو ري ايڪٽر واري هنڌ ٿيو ۽ ان جو سبب معلوم ڪيو پيو وڃي.
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ