گڏيل قومون-02 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن آفريڪا ۾ ٻوڏ سبب ٿيل جاني نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. شنهوا مطابق گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريش جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ چيو آهي ته گڏيل قومن جي سربراهه آفريڪي ملڪ برونڊي، ڪينيا، صوماليا، تنزانيا ۽ اوڀر آفريڪا جي ٻين حصن ۾ شديد ٻوڏ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سربراهه متاثر م??ڪن ۾ فوت ٿيلن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومون ۽ ان جا شراڪتدار ادارا متاثر م??ڪن ۾ انساني ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ قومي اختيارين سان گڏجي ڪم ڪري ??هيا آهن.بيان ۾وڌيڪ چيو ويو آهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??ن??ل ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته گڏيل قومون هن مشڪل وقت ۾ واڌو امداد جي آڇ لاء?? تيار آهن.
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب