جده – 21 مارچ (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو آهي ته آمريڪا گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غزه پٽي ۾ يرغمالين جي آزادي سان لاڳاپيل فوري جنگبندي جي مطالبي وارو قرارداد جو مسودو پيش ڪري ڇڏيو آهي ۽ اميد آهي ته ميمبر ملڪ ان جي حمايت ڪندا. آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن خميس ڏينهن سعودي عرب جي دوري دوران سعودي ميڊيا هائو?? الحدث سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا غزه ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪندي گڏيل قو??ن جي قرارداد جو مسودو جاري ڪيو آهي. هن چيو ته اسان گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل ۾ هڪ قرارداد پيش ڪئي آهي جيڪا يرغمالين جي آزادي متعلق آهي ۽ غزه پٽي ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪري ٿي.
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔