تل ابيب- 06 فيبروري (اي پي پي) اسرائيل جي هوائي ڪمپني العال آئرلينڊ ۽ مراڪش لاءِ سڌي ريت اڏام ملتوي ڪرڻ ج?? اعلان ڪيو آهي. العربيه موجب اسرائيل جي قومي هوائي ڪمپني العال غزه جنگ کان پوءِ مسافرن جي انگ ۾ گهٽتائي جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته ڪمپني ايندڙ گرمي جي موسم لاء?? آئرلينڊ جي گادي واري شهر ڊبلن ۽ مراڪش لاءِ پنهنجي سڌي ريت اڏام ٻيهر شروع نه ڪندي. العال پاران جاري ??يل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊبلن لاءِ اڏامون گذريل مارچ ۾ شروع ڪيون ويون هيون ۽ نومبر تائين جاري رهڻيون هيون پر غزه ۾ جنگ شروع ٿيڻ ج?? ڪجهه هفتن ب??د ان روٽ تي اڏامون ملتوي ڪيون هي??ن . بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته آڪٽوبر ۾ مراڪش جي سفر جي حوالي سان اسرائيلي حڪومت جي ايڊوائزري ??انپوءِ ان شهر لاءِ اڏامون ملتوي ڪيون ويون هيون.
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل