راولپنڊي-07 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز مهمند ضلعي ۾ فرنٽيئر ڪور هيڊڪوارٽر تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ چئن آپگهاتي بمبارن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب 6 سيپٽمبر 2024ع جي صبح جو سوير چئن خارجي ده??تگردن جي هڪ گروپ مهمند ضلعي ۾ فرنٽيئر ڪور هيڊڪوارٽر تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪيمپ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش کي سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن اثرائتي طريقي سان ناڪام بڻايو ۽ ان جي نتيجي ۾ چئني آپگهاتي بمبارن کي گهربل نقصان پهچائڻ کان پهرين ئي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. علائقي ۾ ڪنهن به ??ئي موجود خارجي ده??تگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ صفائي آپريشن ڪيو پيو وڃي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان ده??تگردي جي لعنت جو خاتمو ڪرڻ لاءِ جرئتمنداڻي عزم سان بيٺل آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام