راولپنڊي – 13 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري و??اقي وزير عطاءُ الله تارڙ جيولين ٿرور گولڊ ميڊلسٽ ا??شد نديم کي اسلام آباد اچڻ تي ڀليڪار چوندي چيو آهي ته ا??شد نديم قومي هيرو آهي، وزيراعظم جي خصوصي دعوت تي کيس اسلام آباد گهرايو ويو آهي. نور خان ايئربيس تي صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته ا??شد نديم کي خصوصي جهاز جي ذريعي اسلام آباد آندو ويو آهي، ا??شد نديم سرڪاري مهمان آهي، کيس اسٽيٽ پروٽوڪول ڏنو ويو آهي. هن چيو ته ا??شد نديم سان گڏ سندس فيملي ۽ ڪوچ به موجود آهن. وفاقي وزير چيو ته قومي هيرو جي و??اقي گادي واري شهر اچڻ تي خوشي آهي، اڄ وزيراعظم سندس اعزاز ۾ مانجهاندي جو اهتمام پڻ ڪيو آهي. هن چيو ته 14 آگسٽ جي مرڪزي تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ا??شد نديم گڏجي جهنڊو ڦڙڪائيندا، ا??شد نديم ٻين شهرن ۾ به آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي گولڊ ميڊلسٽ ا??شد نديم چيو ته هو پنهنجي والدين ۽ پوري قوم جو ٿورائتو آهي، قوم جي دعائن سان اڄ وڏي ڪاميابي ملي آهي. هن چيو ته 2012ع ۾ محمد شهباز شريف پنجاب يوٿ فيسٽيول منعقد ڪرايو، پنهنجي پهرين مئچ ان يوٿ فيسٽيول ۾ کيڏي. هن چيو ته ڊپارٽمينٽل اسپورٽس سان رانديگرن جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي، 2015ع ۾ واپڊا ۾ شموليت اختيار ڪئي. هن چيو ته اولمپڪس ۾ ڪاميابي جي لاءِ مون تمام گهڻي محنت ڪئي، اڳتي به ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ محنت ڪندس. هن چيو ته منهنجي ڪوچ سلمان بٽ منهنجي ڪاميابي جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي، الله تعاليٰ گولڊ ميڊل سان نوازيو آهي، پاڪستان جي لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻي آهي ۽ پاڪستان جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪرڻو آهي.
ارشد نديم قومي هيرو آهي، وزيراعظم جي خصوصي دعوت تي کيس اسلام آباد گهرايو ويو آهي: وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں