اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن وا??ي وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته چائلڊ ڊولپمينٽ لاءِ سينٽر آف ايڪسيلنس سينٽر جو قيام هڪ وڏي ڪاميابي آهي. عالمي ريسرچ موجب شروعاتي سال ٻار جي واڌ ويجهه لاءِ تمام گهڻا اهم هوندا آهن. اهڙن خي??لن جو اظهار هن علام اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد ۾ سينٽر آف ايڪسيلنس جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چ??و ته سينٽر آف ايڪسيلنس ٻارن جي شروعاتي واڌ ويجهه لاءِ قائم ڪيو ويو آهي. ورلڊ بينڪ موجب 250 ملين ٻار غربت ۽ تعليم جي گهٽتائي جو شڪار آهن. وفاقي وزير چيو ته اهو مرڪز تحقيق، تربيت ۽ بهترين طريقن کي هٿي وٺرائيندو. هن چ??و ته ملڪ ۾ 22 ملين ٻار ت??ليم کان محروم آهن. اميد آهي ته هي مرڪز ٻارن کي تعليم جي فراهمي لاءِ منصفاڻي شروعات کي يقيني بڻائيندو. وفاقي وزير چيو ته علام اقبال يونيورسٽي هميشه معياري تعليم کي هٿي وٺرائڻ ۾ سڀ کان اڳيان رهي آهي. 22 ملين ٻار ت??ليم کان محروم آهن. اميد آهي ته هي مرڪز ٻارن کي تعليم جي فراهمي لاءِ منصفاڻي شروعات کي يقيني بڻائيندو. وفاقي وزير چيو ته علام اقبال يونيورسٽي هميشه معياري تعليم کي هٿي وٺرائڻ ۾ سڀ کان اڳيان رهي آهي.
چائلڊ ڊولپمينٽ لاءِ سينٽر آف ايڪسيلنس جو قيام هڪ وڏي ڪاميابي آهي: وفاقي وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ