شينزن – 05 – جون (اي پي پي) چيني ڪمپني ٽرانشيئن هولڊنگ پاڪستان ۾ پنهنجي موبائيل ٺاهڻ جي يونٽ ۾ سيڙپڪاري ۾ سگهه ۽ چئن شعبن موبائيل فونز جي تياري، اليڪٽرڪ بائيڪس، جديد زراعت ۽ فِن ٽيڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت غيرملڪي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي، ٽرانشيئن هولڊنگز پاڪستان ۾ مقامي سطح تي شيون تيار ڪري انهن کي پاڪستان ??ان ??اهرئين ملڪ برآمدات ڪري. هن اهڙن خيالن جو اظهار چيني ڪمپني ٽرانشيئن هولڊنگز جي باني ۽ چيئرمين زو زائو جيانگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??لاقات ڪئي. ان ??وقعي تي وفاقي وزير اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عبدالعليم خان، ڄام ڪمال خان، عطاءُ الله تارڙ ۽ مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه پڻ موجود هئا. وزيراعظم وفاقي و??ير?? ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير کي ٽرانشيئن هولڊنگز سان گڏجي جلد هڪ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ??ٽ هر قسم جا وسيلا آهن، اسان جي سڀ کان ??ڏي طاقت اسان جي نوجوان افرادي قوت آهي. ملاقات ۾ ترانشيئن هولڊنگز جي چيئرمين وزيراعظم کي ڪمپني جي پاڪستان ۾ موجوده آپريشنز، عالمي سطح تي ان جي برآمدات ۽ پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي منصوبن کان آگاهه ڪيو. چيئرمين ترانشيئن هولڊنگز وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڪمپني جو پاڪستان ۾ موبائيل فونز جي تياري جي حوالي سان اڳ ۾ ئي هڪ يونٽ قائم ??هي جنهن ۾ 5 هزار کان ??ڌيڪ پاڪستانين کي روزگار فراهم ڪيو ويو آهي. ڪمپني پاڪستان ۾ موبائيل فونز جي حوالي سان ??نهنجي سيڙپڪاري ۾ سگهه ۾ گهري دلچسپي رکي ٿي جنهن سان ??وبائيل فونز جي تياري کانپوءِ پاڪستان ??ان انهن جي برآمدات ۾ اضافو ٿيندو.
چيني ڪمپني ٽرانشيئن هولڊنگ پاران پاڪستان ۾ پنهنجي موبائيل ٺاهڻ جي يونٽ ۾ سيڙپڪاري ۾ سگهه ۽ چئن شعبن موبائيل فونز جي تياري، اليڪٽرڪ بائيڪس، جديد زراعت ۽ فِن ٽيڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں