ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطر??ي واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي اجاگر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ڪاٿي ۽ دائره ڪار کي وڌائڻ ۽ ان کي وسيع ڪرڻ جا امڪان ڳولڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ۽ گڏيل عرب امارات جي ڪاروباري اڳواڻن کي دعوت ڏني آهي ته اهي پاڪستان ۾ خاص طور تي توانائي، انفراسٽرڪچر، سياحت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيرپڪاري جي بي پناهه موقعن مان فائدو کڻن. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان ابوظهبي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت چيمبر آف ڪامرس جي چيئرمين عبدالله محمد المزروعي ڪئي. وفد سان ڳالهه ٻولهه دوران وزيرا??ظم گڏيل عرب امارات جي اقتصادي ترقي ۾ چيمبر جي ڪردار کي ساراهيو. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطر??ي واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون جو ذڪر ڪندي وزيرا??ظم واپار جي ڪاٿي ۽ دائره ڪار کي وڌائڻ ۽ ان کي وسيع ڪرڻ جا امڪان ڳولڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن گڏيل عرب امارات جي ڪاروباري اڳواڻن کي دعوت ڏني ته اهي پاڪستان ۾ خاص طور تي توانائي، انفراسٽرڪچر، سياحت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيرپڪاري جي بي پناهه موقعن مان فائدو کڻن. ابوظهبي چيمبر آف ڪامرس جي ميمبرن پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي.
وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ واپاري ڪاٿي ۽ دائره ڪار کي وڌائڻ ۽ ان کي وسيع ڪرڻ جا امڪان ڳولڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II