ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري مملڪ??ي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته پاڪستان سيڙپڪا??ي جي حوالي سان بهترين ملڪ آهي، اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) تحت سيڙپڪا??ي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. آءِ ٽي واري مملڪ??ي وزير پاڪستان ۽ يو ا?? اي جي آءِ ٽي ڪمپنين جي وچ ۾ حصيداري تي رائونڊ ٽيبل سيشن کي خطاب ڪري رهي هئي. وزيراعظم شهباز شريف رائونڊ ٽيبل سيشن جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي يو ا?? اي ۽ پاڪستاني ٽيڪ ڪمپنين جا سربراهه پڻ موجود هئا. شزه فاطمه چيو ته مختلف ادارن جي ڊيجيٽائيزيشن ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم جي هدايت تي معيشت، گورننس ۽ سوسا??ٽي کي ڊيجيٽلائيز ڪري رهيا آهيون، آءِ ٽي سيڪٽر موجوده حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته واڌويجهه جي شرح ۾ اضافو ۽ ترقي حصيداري کانسواءِ ممڪن نه آهي، حڪومت سنڀاليندي ئي وزيراعظم آءِ ٽي شعبي کي پنهنجي ترجيح قرار ڏنو. ان موقعي تي پاڪستاني ۽ اماراتي آءِ ٽي ڪمپينن جي وچ ۾ ٽن معاهدن تي صحيحون پڻ ڪيون ويون.
پاڪستان سيڙپڪاري جي حوالي سان بهترين ملڪ آهي: شزه فاطمه خواجه
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز