اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت ملڪي معيشت کي ٻيهر پٽڙي تي آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، موجوده حڪومت جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ پا??ست??ن جي معاشي ترقي ۾ تيزي آئي. اها ڳالهه هن پا??ست??ن ۾ مقرر جاپان جي سفير مٽسو هيرو واڊا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ٻطرفي سياسي لاڳاپن، ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون، فيڪ نيوز، حڪومت جي معاشي قدمن سميت گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي ملڪن پا??ست??ن ۽ جاپان جي وچ ۾ تعاون جي دائ??ي کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پا??ست??ن ۽ جاپان جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جو پراڻو رشتو قائم آهي، جاپان پا??ست??ن جو اهم ترقياتي حصيدار آهي، مشڪل وقت ۾ جاپان جو تعاون پا??ست??ن جي عوام جي لاءِ سدائين قابل قدر رهيو. هن چيو ته جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جائيڪا) پا??ست??ن جي ترقي ۾ مدد ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير جاپان جي سفير کي حڪومت جي معاشي قدمن کان آگاهه ڪندي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت ملڪي معيشت کي ٻيهر پٽڙي تي آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته حڪومت ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ جي لاءِ ايف بي آر ۾ سڌارن سميت ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ سيڙپڪا??ي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، ان کانسواءِ نجي شعبي کي ڪاروبار ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته موجوده حڪومت جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ پا??ست??ن جي معاشي ترقي ۾ تيزي آئي، عالمي اخبارُون ۽ رسالا به پا??ست??ن جي معاشي ترقي ۾ وڌيڪ بهتري جي ??ڳڪ??ي ڪري رهيا آهن. ملاقات ۾ فيڪ نيوز ??ي تدارڪ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ لاڳاپن جي فروغ جي حوالي سان معاملا پڻ غور هيٺ آيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پوري دنيا کي فيڪ نيوز ??و وڏو چئلينج درپيش آهي، ان تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي جاپان جي سفير پا??ست??ن سان مضبوط لاڳاپن جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پا??ست??ن حڪومت جي ڪاروباري طبقي جي سهولت لاءِ قدم پا??ست??ن کي جاپاني سيڙپڪارن جي لاءِ وڌيڪ پرڪشش منزل بڻائيندا.
وزيراعظم جي ويزن تحت ملڪي معيشت کي ٻيهر پٽڙي تي آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهيون: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق