اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان چيئرمين جوائنٽ ??يف?? آف اسٽ??ف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن صدر کي پاڪستان جي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات دوران چيئرمين جوائنٽ ??يف?? آف اسٽ??ف ڪميٽي صدر کي ملڪي سيڪيورٽي صورتحال، هٿياربند فوج جي آپريشنل تيارين بابت ٻڌايو ت?? هٿياربند فوج اندروني ۽ ٻاهرئين سيڪيورٽي چئلينجز کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ جي صلاحيت رک?? ٿي. صدر قومي سرحدن جي دفاع، ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ هٿياربند فوج جي ڪردار کي ساراهي. صدر چيو ته پورو اعتماد آهي ته سيڪيورٽي فورسز اندروني ۽ ٻاهرئين سيڪيورٽي چئلينجز تي ڪاميابي سان ضابطو آڻي وٺندي. ملاقات ۾ دهشتگردي جي لعنت کي قوم جي تعاون سان پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار