اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چ??ئرمين مرزا محمد آفريدي اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جي ايوان جي ڪارروائي ۾ حصو وٺڻ ۽ ان جي دلچسپي کي ساراهيو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ايوان ۾ ڳالهائيندي چ??و ته سڀاڻي وزيراعظم جي چ??نڊ ٿيڻي آهي جنهن کانپوءِ ڪميٽين جي نئين جوڙجڪ ٿيندي، ان لاءِ سوالن جوابن جي وقفي کي ايندڙ ه??تي تائين ملتوي ڪيو وڃي. ان موقعي تي سينيٽ جي ڊپٽي چ??ئرمين مرزا محمد آفريدي چ??و ته توهان پنهنجي وزارت جي عرصي دوران ايوان جي ڪارروائي ۾ ڀرپور حصو ورتو جنهن تي توهان جا ٿورائتا آهيون.
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ