اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان ب??اڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ آهي، اڄ ريڊيو جديد ٽيڪنالاجي س??ن پنهنجي ٻڌندڙن کي فوري معلومات فراهم ڪري رهيو آهي، ريڊيو هڪ اهڙي درسگاهه بڻجي چڪو آهي جيڪو نوجوانن کي تربيت ۽ تعليم تا??ين پهچ فراهم ڪري رهيو آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ب??اڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي جي ٻيهر شروعات جي تقريب کي خطاب ڪندي ??ئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ڦيٿو ڪاٽي پاڪستان ب??اڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي جي ٻيهر شروعات ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير پاڪستان ب??اڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي جي ٻيهر شروعات تي ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل سميت سمورن لاڳاپيل ماڻهن کي س??راهيندي چيو ته پاڪستان ب??اڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي ريڊيو جي پروگرامن جي لاءِ تربيت جو بي مثال ادارو هو جيڪو مالي مشڪلاتن جي ڪري غيرفعال ٿي ويو هو. هن چيو ته اڄ هن اڪيڊمي کي ٻيهر فعال ٿيندي ڏسي خوشي ٿي رهي آهي. هن چيو ته مُون پاڻ سنڌي، سرائيڪي، پنجابي ۽ انگريزي سميت ڪيتريون ئي زبانون ريڊيو جي مدد سان سکيون آهن. هن چيو ته موجوده دور جا نوجوان خوش قسمت آهن، اسان جي دور ۾ انٽرنيٽ جهڙيون جديد سهولتون ميسر نه هيون. هن چيو ته اڄ ريڊيو جديد ٽيڪنالاجي س??ن پنهنجي ٻڌندڙن کي معلومات فراهم ڪري رهيو آهي، ريڊيو هڪ اهڙي درسگاهه بڻجي چڪو آهي جيڪو نوجوانن کي تربيت ۽ تعليم تا??ين پاڻ هلي پهچ فراهم ڪري رهيو آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ب??اڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ آهي جيڪا پاڪستان جي ڏورانهن علائقن جي نوجوانن کي زوم ذريعي پنهنجي تربيتي پروگرامن ۾ شامل ڪري رهي آهي. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي ڪري دنيا جي ڪنهن به حصي مان ريڊيو جي پروگرامن جو حصو بڻجي سگهجي ٿو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ريڊيو پاڪستان اڪيڊمي جي پهرين تربيتي پروگرام ۾ سڄي پاڪستان مان نوجوانن جي شرڪت حوصلي جوڳي آهي. هن چيو ته ميڊيا ن??ين انقلاب خاص طور تي مصنوعي ذهانت جي تصور سان هم آهنگ ٿي چڪي آهي، هن اڪيڊمي جي ذريعي ريڊيو پاڪستان جي عملي کي به تربيت فراهم ڪئي ويندي. واضح رهي ته پاڪستان ب??اڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي جي پهرين تربيتي پروگرام ۾ 107 نوجوان شريڪ ٿي رهيا اهن جن ۾ 35 عورتون شامل آهن.
پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ آهي، ريڊيو جديد ٽيڪنالاجي سان پنهنجي ٻڌندڙن کي فوري معلومات فراهم ڪري رهيو آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado